چونڊ سماجي مضمون

چونڊ سماجي مضمون

چونڊ سماجي مضمون

چونڊ سماجي مضمون (ڪتاب): هي ڪتاب نامور سياستدان ۽ اديب جي. ايم. سيد جي چونڊ سماجي مضمونن تي مشتمل آهي، جيڪو آزاد قاضيءَ ترتيب ڏنو. هن ڪتاب جي ارپنا مرتب جي. ايم. سيد جي ساٿي ۽ صوفي منش انسان دادا ڄيٺمل پرسرام جي نالي ٿيل آهي. ڪتاب ۾ اداري پاران ٻه اکر سيد جلال محمود شاهه جا لکيل آهن ۽ پيش لفظ ڪتاب جي مرتب آزاد قاضي لکيو آهي. ڪتاب ۾ هيٺيان مضمون شامل آهن: (1) سنڌ جا سادات ۽ انهن جو سڌارو، (2) سن ڳوٺ ۾ مڪاني هنرن جو واڌارو، (3) ڪراچي ضلعي جي سڌاري لاءِ قومي ڪارڪنن کي اپيل، (4) ڪراچي ضلعي ۾ عورتن جي ڀلي لاءِ ڪوششن جي ضرورت، (5) ڳوٺاڻن سان ٻه ٽي ڳالهيون، (6) هندستان جو نئون آواز، (7) مالدار، (8) ميربحر، (9) هاري، (10) زميندار، (11) ڪراچي ضلعي جو گشت ۽ سرڪار جي مخالفت، (12) ڪراچي ضلعي جي ڳوٺاڻن طرف ڌيـان جـي اپيـل، (13) ڪراچي ضلعي جي ڳوٺاڻن سان ٻه ٽـي ڳـالهـيــون، (14) زمينداري بئنڪ جي ضرورت، (15) ڪراچي ضلعي جي ٻهراڙين جا ڪي رسم رواج، (16) آنرري مئجسٽريٽ، (17) سنڌ جون مشڪلاتون، بنيادي ڪارڻ ۽ حل (مضمون) ۽ ڪراچي ضلعي جي گشت ۽ سير بابت رپورٽون شامل آهن.
هي ڪتاب جي. ايم. سيد فائونڊيشن ڪراچي پاران 2004ع ۾ ڇپايو ويو. ڊيمي سائيز جي 159 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا رکي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو